ظهير ڪاشميري

ظهير ڪاشميري

ظهير ڪاشميري

ظهير ڪاشميري: ناليوارو شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ فلم هدايتڪار ظهير ڪاشميري 21 آگسٽ 1919ع تي امرتسر (انڊيا) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ميان شاهه دين هو. ظهير ڪاشميري جو اصل نالو غلام دستگير هو. هن ايم. اي. او ڪاليج مان انگريزي ۾ ايم. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج پاران نڪرندڙ ميگزين الهلال جو ايڊيٽر رهيو. پاڻ شاگرديءَ واري دؤر کان ئي ادب جي ترقي پسند تحريڪ سان منسلڪ ٿيو. ان کان علاوه ”انجمن حريمه اردو‘ قائم ڪيائين. جنهن جو صدر رهيو. ”انجمن ترقي پسند مصنفين انڊيا“ جو باني هو. ورهاڱي بعد لڏي اچي لاهور ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪندي روزاني اخبار ’احسان‘ ۽ پوءِ روزاني ’مساوات‘ ۾ بطور ايڊيٽر مقرر ٿيو. روزاني ’مساوات‘ لاهور سان گڏوگڏ ڪراچيءَ مان به شايع ڪرائيندو رهيو. هن فلمن لاءِ ڪهاڻيون به لکيون جن ۾ ’شيخ چلي‘، ’غيرت مند‘، ’آس پاس‘، ’همير سيال‘، ’خون ناحق‘، ’تين ڦول‘، ’ڪافي هائوس‘ ۽ ’انجام‘ شامل آهن. سندس مقبول ڪتابن ۾ ’عظمت آدم‘ (شعر مجموعو) ’تغزل‘، ’رقص جنون‘، آدمي نامه‘، ’جهان آ گهي‘، کان علاوه تنقيدي مضمونن تي رٿيل مجموعو ’ادب ڪي مادي نظريات‘ قابل ذڪر آهي. کيس ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران وفات کان پوءِ صدارتي ايوارڊ سان نوازيو. هن 12 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس لاهور ۾ مياني صاحب قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ ظهير ڪاشميريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.08.21  عيسوي

ظهير ڪاشميري 21 آگسٽ 1919ع تي امرتسر (انڊيا) ۾ ڄائو.


1994.12.12  عيسوي

ظهير ڪاشميري 12 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس لاهور ۾ مياني صاحب قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسحاق عليه السلام
ڀَرَتُ
شاهه محمد گاڏهي بلوچ
سمر سجوڙو
صدام حسين
حميد شيخ
شهداد خان ٽالپر اول
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
ابن خردازبه 2
اصغر سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون